اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان سان افغان قومي مفاهمت بات اعليٰ سطحيِ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، وزيراعظم ع??ران خان ان موقعي تي پاڪستان جي افغانستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ٽيليفون تي ڳالهائيندي وزيراعظم ع??ران خان پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جن جو بنياد مذهب، ثق??فت، تاريخ ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ ويجهي رابطن تي آهي، جي اهميت اجاگر ڪن??ي هر شعبي ۾ لاڳاپا وڌائڻ ج?? ضرورت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.