اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) ايوان صدر ۾ عيدالاضحيٰ جي نماز ڪورونا بچاءُ جي ضابطن تي عملدرآمد سان ادا ڪئي وئي. عوام جي نالي و??يو پيغام موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گهر ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي. بعد ۾ صدر ايوان صدر جي عملي سا?? عيد مليو ۽ هڪ هڪ ٿي سڀني کي عيد جي مبارڪباد ڏني. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ان موقعي تي موجود هئي. عيد ملڻ دوران ڪورونا کان بچاءُ جي ضابطن تي عملدرآمد ڪيو ويو. سماجي فاصلو برقرار ر??يو ويو جڏهن ته سمورن ماڻهن ماسڪ پائي ر??يو هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ اسلامي دني?? کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ذوالحج جو مهينو قرباني، اطاعت، خيرخواهي ۽ نظم ۽ ضبط سيکاري ٿو، ان کان اڳ ايوان صدر ۾ عيدالاضحيٰ جي نماز ادا ڪئي وئي.