اسلام آباد – 09 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وا??رس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان پاڪستان ۾ حالتون دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪنٽرول ۾ آهن، احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ عوام ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ سان صورتحال ۾ نمايان بهتري اچي سگهي ٿ??، عوام جيڪڏهن ڪورونا وا??رس جون ع??ام??ون محسوس ڪري ته فوري طور ۽ بنا ڪنهن ڊپ جي ٽيسٽ جي لاءِ رجوع ڪر??، عوام ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ۽ ان حوالي سان جلد هڪ حڪمت عمل?? جوڙي وڃي. اها ڳالهه وزيراعظم عمران خان نيشنل هيلٿ ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.