اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت عام ما??هو جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي محدود ڪاروباري سرگرمين جي اجازت ڏني آهي، سماجي فاصلي کي يقيني بڻائڻ هر ما??هو جي ذميداري آهي، ڪورونا وائرس بابت درست ??يٽا ۽ معلومات تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ڪوويڊ- 19 جي صورتحال جي حوالي سان اجل??س کي خط??ب ڪندي ڪيو.