اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کاڌي پيت?? جي شين ۾ ملاوٽ عوام سان ظلم آهي، ملاوٽ جي نتيجي ۾ سنگين مرضن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، ملاوٽ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، ملاوٽ ڪندڙ عنصر ڪنهن ??ه رعايت جا مستحق نه آهن، اهڙن عنصرن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو وڃي، وڏن شهرن ۾ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوز?? جي خاتمي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??ڄي ملڪ ۾ کاڌي پيت?? جي ضروري شين (اٽو، گيهه، کنڊ، دالين، ڀاڄي وغيره) جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو