پنڊداد خان – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سال 2019ع ۾ ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، 2020ع ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو، وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن قوم کي چيو هو ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، تبديلي ۽ سڌارن جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ اهڙيون مافيائون آهن جنهن جو مفاد پراڻي ۽ ڪرپٽ نظام سان لاڳاپيل آهي ۽ اهي ئي وڌيڪ گوڙ ڪندا آهن، اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه آهي، اسان ملڪ ??ي بهتر ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان کي گڏجي ڪرپٽ مافياز کي شڪست ڏيڻي آهي، مودي جي والاريل ڪشمير ۽ هندوستان ۾ مسلمانن تي ظلمن جي خلاف اندر مان ماڻ??و اٿي بيٺا آهن، عالمي ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت طرفان امڪاني وا??دات کان پهرين ئي دنيا کي آگاهه ڪري ڇ??يو هو، پاڪستان جي هٿياربند فوج هر طرح جي صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن 117 ڪلوميٽر ڊگهي جلال پور ا??ريگيشن ڪينال جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.