اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 8 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اسان ا?? پي اي?? سانحي کي ناهيون وساري سگهيا، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، معصوم ٻارن تي حملو ڪري انهن کي شهيد ڪيو، ان ڏينهن کي ياد ڪري ڪير به پنهنجي ڳوڙها روڪي نه ٿو سگهي. ا?? پي اي?? سانحي جي شهيدن جي اٺين ورسيءَ جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ا?? پي اي?? سانحي جي شهيدن پوري قوم کي دهش??گر??ي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏينهن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو. هن چيو ته بحيثيت قوم اسان دهش??گر??ي کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، اسان پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.