اسلام آ??اد – 19 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جار?? ڪ??ل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 547 م??يضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 18 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 899 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 690، پنجاب ۾ 13 هزار 754، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 25، اسلام آ??اد ۾ 6 هزار 132، بلوچستان ۾ 841 ، گلگت بلتستان ۾ 240، آزاد ڪشمير ۾ 947 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 26 هزار 674 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 806 وينٽيليٽرز ت?? ڪ??وڊ – 19 جا 234 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 65 هز??ر 927 آهي.