ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل حصيداري سان تيار ٿيندڙ ملجم ڪلاس جنگي سامونڊ?? جهاز پي اين ايس طارق پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل ٿي ويو. ان موقعي تي ڪراچي شپ يارڊ ۾ منعقد خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز شر??ت ڪئي. ترڪيه جو نائب صدر جودت يلماز تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ام??د نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شر??ت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي نائب صدر سان گڏ پ?? اين ايس طارق جي لانچنگ ڪئي. پي اين ايس طارق ملجم ڪلا?? ڪارويٽ جنگ?? جهاز انهن چئن سامونڊ?? جهازن مان هڪ آهي جيڪي ترڪيه سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي معاهدي تحت ترڪ ۽ پاڪستاني انجنيئرز گڏجي ٺاهي رهيا آهن. 2018ع ۾ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي وچ ۾ 4 جنگي سامونڊ?? جهازن جي تياري جو معاهدو ٿيو هو. معاهدي تحت 2 جهاز ترڪيه ۽ 2 جهاز پاڪستان ۾ تيار ڪيا پيا وڃن. ان کان اڳ 3 جهازن جي لانچنگ ٿي چڪي آهي ۽ اهي مڪمل ٿيڻ جي مختلف مرحلن ۾ آهن. پي اين ايس طارق پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٻيو سامونڊي جنگ?? جهاز آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ک?? جهاز جي تياري بابت بريفنگ ڏني وئي.