اسلام آبا?? – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرامن نموني عاشوره جي گذرڻ تي شڪر جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان موجب وزيراعظم محرم الحرام دوران امن امان يقيني بنائڻ تي وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُ الله، سمورن صوبائي گهرو وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي اخت??ار??ن ۽ سيڪيورٽي فورسز کي شاباسي ڏني ۽ چيو ته وڏن وزيرن، صوبائي توڙي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس آءِ جيز کي محرم الحرام دوران به??رين انتظام ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيان ٿو. وزيراعظم چيو ته امن امان کي يقيني بڻائيندي عاشوره جي جلوسن جي لاءِ به??رين انتظام ڪيا ويا، وفاقي ۽ صوبا??ي کاتن ۽ سيڪيورٽي جي سمورن ادارن به??رين تعاون سان ڪم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي شاباسي ڏيان ٿو جن ڏينهن رات سيڪيورٽي جا فرض نڀايا، الحمدلله سيڪيورٽي جي به??رين انتظامن جي ڪري ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو.