اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ??طر سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان ??طر سان توانائي جي شع??ي ۾ حصيداري جو خواهشمند آهي ۽ معيشت جي مختلف شع??ن ۾ ??طر جي سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ ??طر جي عهدو ڇڏيندڙ سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان فيصل الثاني سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??طر جي حڪومت کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ميزباني کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل ??و ڪم ڪري رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??طر هنرمند پاڪستاني ڪارڪنن جي انگ ۾ اضافو ڪندو ۽ پاڪستان ۾ وڌيڪ ويزا سهولتون کوليندو. صدر اسلامو فوبيا جي خلاف ڪوششن تي ??طر جي قيادت کي ساراهيندي وڌيڪ چيو ته اسلامي دنيا کي دنيا ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل ڪوششون ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. هن ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي به اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ذريعي ڪندڙ ظلم ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ مسلسل خطرو آهي. افغانستان جي حوالي سان صدر چيو ته پاڪستان ۽ ??طر کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن کي ضروري انساني امداد جي فراهمي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. صدر فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي ??طر جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته ??طر اهڙي قسم جا ميگا اسپورٽس ايونٽس ??و ڪاميابي انعقاد ڪري تاريخي ڪم ڪيو آهي. هن گذريل سال ٻوڏ دوران پاڪستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي به ??طر جا ٿورا مڃيا. صدر سفير کي ان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ ??طر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شع??ن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ان جي ڪردار کي ساراهيو.