اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هر سال 10 اپريل تي قومي دستور ڏهاڙو ملهايو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد قومي آئين ڪنوينشن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پيش ڪيل قرارداد منظور ڪئي وئي، ان ڏ??نهن کي ملهائڻ ??و مقصد ملڪ جي لاءِ آئين جي اهميت، شهرين جي حقن، رياستي ادارن جي فرضن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ آهي.