اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، ان جو فيصلو اسان کي قبول هوندو، فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي سان اختلاف ڪري ها، عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو پنهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي مفاد کي هڪ طرف ر??ڻو پوندو، ڪا سياسي پارٽي ا??يڪ??ن کان ڀڄي نه ٿي سگهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني، عدليه جي بحالي ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن لائرز ڪمپ??يڪ?? اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ پاڪستان بار ڪائونسل، اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ٻين وڪيل تنظيمن جي عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وڪيلن عدل ۽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي مشڪلاتن کي منهن ڏنو آهي، وڪيلن قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي بحالي جي لاءِ قربانيون ڏنيون، عدليه جي بحالي لاءِ ڏنڊا کاڌا، گوليون کاڌيون، جلوس ۽ ريليون ڪڍيون، پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين عدل ۽ انصاف جي لاءِ جنگ وڙهي آهي. وزيراعظم چيو ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي پر قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، جيڪو قانون ڪنهن جي لاءِ ٺاهيو پنهنجو پاڻ تي به لاڳو ڪريو، اڳ ۾ سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني بئنچ ٺاهي وئي، بعد ۾ اها ٽن ججن تي ٻڌل بئنچ رهجي وئي، اڄڪلهه سپريم ڪورٽ جي چار ٽي ججز جي فيصلي جو بحث هلي رهيو آهي، جيڪي ججز بئنچ کان الڳ ٿي ويا هئا انهن کي ان ۾ نه ويهڻ گهرجي ها. وزيراعظم چيو ته فل ڪورٽ جو مطالبو مڃيو وڃي ها ته ڪير ان جي فيصلي سان اختلاف ڪري ها، جسٽس فائز عيسيٰ جي فيصلي کي اڳ ۾ سرڪلر جي ذريعي ختم ڪيو ويو، بعد ۾ ان تي بئنچ ٺاهڻ جي ڪهڙ?? ضرورت هئي. وزيراعظم چيو ته اسان کي ته حڪم ڏنو وڃي ٿو ته وزيراعظم اڪيلو ڪجهه به نه آهي، پوري ڪابينا آهي پر ??هڙ?? حڪم ڏيندڙ پنهنجو پاڻ تي اهو ڇو لاڳو نه ٿا ڪن، مولوي تميزالدين ڪيس بابت سڀ ڄاڻين ٿا، جسٽس منير ئي نظريه ضرورت جو موجد آهي. هن چيو ته ڪا سياسي پارٽي ا??يڪ??ن کان ڀڄي نه ٿي سگهي ڇو ته جيڪو به ا??يڪ??ن کان ڀڄندو ان جي سياست انهي ئي ڏينهن ختم ٿي ويندي. هن چيو ته 63 اي جي قانون کي ري رائيٽ ڪيو ويو، اسان اپيل داخل ڪئي پر ان جو ڪو اتو پتو نه آهي، سياسي پارٽين کي به ڌر نه بڻايو ويو، سمورين لاڳاپيل ڌرين کي گريبان ۾ جهاتي پائي فيصلو ڪرڻو آهي ته اڳتي ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻو آهي يا ذاتي ويڙهه وڙهي ملڪ کي اتي پهچايو وڃي جتان واپسي ناممڪن هجي. وزيراعظم چيو ته اڃا به ڪجهه ناهي ويو، اعليٰ عدليه پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، جيڪي ججز بئنچ کان الڳ ٿيا هئا انهن کي شامل نه ڪري فل ڪورٽ ٺاهي وڃي، فل ڪورٽ جو جيڪو به فيصلو هوندو اهو اسان کي قبول هوندو، پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ گهرجي، ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻ ۽ ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته لائرز ڪمپ??يڪ?? جي پيڙهه جو پٿر رکي خوشي ٿي آهي، لائرز ڪمپ??يڪ?? جي تعمير تي هڪ ارب 80 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي، مون کي ڊپ آهي ته اهو حڪم به نه اچي وڃي ته اها رقم ا??يڪ??ن ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته ??هڙ?? صورتحال پيدا ٿي ته وڪيل پاڻ ان جو دفاع ڪري وٺندا. هن چيو ته اسان کي پاڪستان ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ذاتي مفاد کي هڪ طرف ر??ڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته لائرز ڪمپ??يڪ?? جي تعمير جي لاءِ عملي اڳڀرائي تي قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله مبارڪباد جا مستحق آهن، انهن ڪاغذن ۾ پيل منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ وڏي محنت سان ڪم ڪيو آهي، ان ۾ اسپورٽس ڪمپ??يڪ?? کي به شامل ڪيو وڃي ۽ عورتن ۽ مرد وڪيلن جي لاءِ جدا جدا سوئمنگ پول پڻ هجڻ گهرجن. ان کان اڳ وزيراعظم لائرز ڪمپ??يڪ?? جي پيڙهه جو پٿر رکيو. تقريب کي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وڪيل اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.