اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪپه?? جي آبادگارن لاءِ وڏو فيصلو ڪندي ڪپه?? جي هلندڙ سال قيمت ساڍا 8 هزار رپيا في مڻ (40 ڪلوگرام) مقرر ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته ڪپه?? جي سپورٽ پرائيس جلد کان جلد اقتصادي رابطا ڪميٽي مان منظور ڪرائڻ جي لاءِ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ زرعي ٽاسڪ فورس جو جائزه اجلا?? ٿيو جنهن ۾ ڪپه?? جي پيداوار وڌائڻ ۽ ڪپه?? جي سپورٽ پرائيس مقرر ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، سيد نويد قمر، طارق بشير چيما، پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال ٻوڏ، برساتن، واه?? جي پاڻي جي کوٽ ۽ ڀاڻ جي بحران سبب ڪپه?? جي پيداوار ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. هلندڙ سال ڪپه?? جي مجموعي پيداوار جو ڪاٿو 12.77 ملين بيلس لڳايو ويو آهي جڏهن ته ڪپه?? جي سپورٽ پرائيس ۽ حڪومتي قدمن سان نه رڳو ڪپه?? جي پيداوار جي زمين تي في ايڪڙ پيداوار ۾ خاطرخواهه اضافو متوقع آهي. اجلاس ۾ ڪپه?? جي ايڪڙ لاڳت ۽ ان جي ٻين فصلن سان ڀيٽ پڻ پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون آبادگارن کي ڪپه?? جي مقرر ڪيل قيمت جي فراهمي يقيني بڻائين. وفاقي حڪومت مقرر ڪيل سپورٽ پرائيس تي عملدرآمد جي لاءِ صوبائي حڪومتن جي هر ممڪن مدد ڪندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪپه?? جي في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ڪپه?? جي فصل جي في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تجويزون جوڙڻ ۾نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت تيز رفتاري سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري. ڪپهه پاڪستان جي پرڏيهي ناڻو ڪمائيندڙ فصل آهي. وزيراعظم چيو ته ڪپهه اسان جي ٽيڪسٽا??يل جي صنعت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي. اسان ڪپه?? جي ابادگارن کي سهولتون فراهم ڪري انهن جي پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين، ان سان نه رڳو ٽيڪسٽا??يل جي برآمد ۾ اضافو ٿيندو پر ڪپه?? جي درآمد تي خرچ ٿيندڙ واري قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهبو. وزيراعظم فوري طور تي انهن قدمن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي.