اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وات جُون 95 سيڪڙو بيماريون روڪي سگهجن ٿيون، اسلام ۾ پا??ائي يا صفائي کي اڌ ايمان ??رار ڏنو ويو آهي، بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي سان ??لڪ مان ??ات جي بيمارين جو خاتمو ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وات جي صحت جي عالمي ڏينهن ج?? موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته 20 مارچ تي ڏندن ۽ وات جي بيمارين کي روڪڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. حضور ﷺ وات ۽ ڏندن جي صفائي جو ڪثرت سان اهتمام ڪندا هئا. اسلام ۾ پا??ائي يا صفائي کي اڌ ايمان ??رار ڏنو ويو آهي. صحيح بخاري ۾ اٽڪل 21 حديثن ۾ وات جي صفائي ۽ مسواڪ جو ذڪر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا مسواڪ يا برش سان ڏندن کي چڱي طرح صاف ڪن، ان سان بيمارين کي روڪڻ سان گڏوگڏ صحت به بهتر رهندي. صدر چيو ته وات جي بيمارين جو علاج مشڪل ۽ مهانگو هوندو آهي. بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي سان ??لڪ مان ??ات جي بيمارين جو خاتمو ممڪن آهي. هن چيو ته سوپاري وات جي ڪينسر جو سبب آهي، ان ??اءِ ماڻهو ان ??ان پرهيز ڪن.