اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته اسان کي شموليت ۽ اضافي جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آه?? جنهن ۾ عورتن کي ترقي جا موقعا حاصل ٿين ۽ اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغا?? ۾ ??ن چيو ته هي ڏينهن اسان کي سڄي دنيا ۾ عورتن جي خدمتن ۽ ڪاميابين کي ساراهڻ ۽ انهن چئلينجن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهمڪري ٿو جن سان صنفي برابري حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڃا به منهن ڏيڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته هڪ اهم شعبو جيڪو اسان جي ڌيان جو گهرجائو آه??، اهو صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ اختراع جو ڪردار آه??. ڊيجيٽل تفريق عورتن جي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ملازمت جي موقعن تائين پهچ کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان انهن جا معاشي ۽ سماجي اختيار محدود ٿين ٿا. اسان کي ٽيڪنالاجي ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جرئتمنداڻي قدمن جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازن سالن ۾ نمايان اڳڀرائي جي باوجود ٽيڪ ??نڊسٽري ۾ عورتن جي شموليت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين انهن جي پهچ گهٽ آه??. ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان ۾ عورتن پاران ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ڏٺو ويو. وڌيڪ ??هو ته عورتون هاڻي تعليم، ڪاروبار ۽ سوشلائيزيسن جي لاءِ آن لائين پليٽ فارم استعمال ڪري رهيون آه??. اهو پاڪستان ۾ عورتن جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي پري کان ڪم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي روزگار جا موقعا ڳولي رهيون آه??. جيتوڻيڪ ??هو ڪافي حوصلي جوڳو آه??، اسان کي اڃا به ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ پليٽ فارمز تائين انهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته ڪم ڳولڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال ڪندي عورتون انهن ڪيترين ئي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي سگهن ٿيون جن جو انهن کي روايتي صنعتن ۾ منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ان جي نتيجي ۾ عورتن کي افرادي قوت جو حصو بڻجڻ ۽ معيشت ۾ حصو وجهڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي. خاتون اول چيو ته اسان کي ڊيجيٽل وسيلن تائين پهچ وڌائن، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي سازگار ماحول جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آه?? جيڪو عورتن کي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. هن چيو ته اسان کي ٽيڪ ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ گهرجي جيڪو عورتن جي شموليت جي راهه ۾ رڪاوٽ آه?? ۽ انهن جي ترقي جا موقعا محدود ڪري ٿو. اسان کي شموليت ۽ واڌ جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آه?? جنهن ۾ عورتون ترقي ڪري سگهن ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن کي حاصل ڪري سگهن. اچو اسان وچن ڪريون ته ٽيڪنالاجي سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ صنفي برابري جي لاءِ ڪم ڪنداسين. گڏجي هڪ اهڙو مستقبل بڻائي سگهون ٿا جتي عورتن کي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي ۽ اهي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن.