جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي ب??ال?? جي لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر ت??مير ۽ ب??ال?? ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻوڏ سان پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻوڏ سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿي ويس. ان کان اڳ پنه??جي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، پاڪستان جي عوام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪستان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي جنهن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي. پاڪستان جي نئين سر ت??مير ۽ ب??ال?? ۾ حصيداري جي موضوع تي جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر ت??مير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي ب??ال?? جو فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنه??جي خطاب دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر ت??مير ۽ ب??ال?? جي منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جي اهميت تي زور ڏنو.