اسلام آباد-03 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ گڏيل قوم?? جي انفارميشن سينٽر ۾ (اڄ) سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظرثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوب?? 2022ع جي جاري ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني ويندي جنهن جو انتظام يو اين پاڪستان ڪيو آهي. بريفنگ ۾ سڌ سماءَ وارن ذريعن کي نظر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس پلان 2022ع بابت تفصيلي آگاهي ڏني ويندي. گڏيل قومون ٻوڏ متاثرن کي امداد جي فراهمي ۽ انه?? جي بهالي لاءِ نظر ثاني ٿيل پاڪستان فلڊ رسپانس منصوبو جنيوا ۾ جاري ڪري رهيون آهن. بريفنگ ۾ نظرثاني ٿيل اپيل تي توجهه ڏني ويندي جنه?? جي شروعات جنيوا ۾ ٿي رهي آهي. گڏيل قوم?? جي پاڪستان ۾ وقتي ريزيڊنٽ ڪو آرڊينيٽر ۽ خوراڪ جي عالمي اداري جو نمائندو ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪرس ڪائي، گڏيل قوم?? جي انساني معاملن بابت آفيس جو ف??لڪس اومونو ۽ ٻيا ميڊيا کي بريفنگ ڏيندا.