پتن – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ ۽ برسات کان متاثر آخري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک س??ن نه ويهنداسين، سڄي دنيا مان متاثرين جي امداد تي انهن جا ٿورائتا آهيون، الله سان واعدو آهي ته ??سان سڀ گ??جي يقيني بڻائينداسين ته ڪو حقدار امداد کان محروم نه رهجي وڃي، امداد جي شفاف ورڇ ۽ پهچ يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک رپيا ڏيندي، مصيبت جي گهڙيءَ ۾ سمورن متاثرين سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ ۽ برسات کان متاثر لوئر ڪوهستان جو دورو ڪيو جتي هن ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات پڻ ڪئي. ڪشمنر ??زاره ڊويزن ۽ ڊپٽي ڪمشنر ??زيراعظم کي امدادي ڪاررواين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته هن علائقي ۾ 18 فوتگيون ٿيون آهن، متاثرين جي لاءِ رهائشي ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. وزيراعظم ان موقعي تي متاثرين کي خطاب ڪندي چيو ته ??سان هتي ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي خانداننس ان همدردي جي اظهار لاءِ حاضر ٿيا آهيون، ڪالام، سوات، بحرين، ڪوهستان ۾ درياءَ ۾ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، هتي ڦاٿل سياحن کي هٿياربند فوج جا هيليڪاپٽرز محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن، وفاقي حڪومت مصيبت جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين سان گڏ بيٺل آهي جيستائين انهن کي پنهنجي گهرن ۾ بحال نه ڪنداسين سک س??ن نه ويهنداسين، صوبائي حڪومتون، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ انتظاميا متاثرين جي خدمت لاءِ موجود آهن، ٻوڏ ۽ برساتن سبب جنهن گهر کي به نقصان پهتو، ان کي 25 هزار رپيا في ڪس ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا وفاق پاران ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته ??نڌ ۾ ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ان کانسواءِ بلوچستان، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير سميت جتي به ٻوڏ س??ن نقصان ٿيو آهي، جيترا وسيلا به ٿيا آهن اهي انهن تي لڳائينداسين، دوست ملڪن پاران امداد ملي رهي آهي، انهن جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، ايران، چين، ترڪيءَ سميت ٻيا ڀائر ملڪ اسان جي مدد ڪري رهيا آهن. آمريڪا، برطانيا به امداد جو اعلان ڪيو آهي، گڏيل قومن 160 ملين ڊالر جي فليش اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته ??تان به اسان کي امداد ملندي، الله تعاليٰ سان واعدو آهي ته ??ڀ گ??جي ان کي حقدار تائين پهچائينداسين ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن اهڙي شخص کي جيڪو حقدار نه آهي امداد نه ملي. هن چيو ته ??يبرپختونخواهه جي لاءِ 10 ارب رپين جو اعلان ڪيو آهي جيڪو اين ڊي ايم اي صوبائي انتظاميا سان گ??جي شفاف طريقي سان ورهائيندي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته ??خري گهر ۽ شخص جي آبادڪاري تائين سک س??ن نه ويهنداسين. ان موقعي تي وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، پيپلزپارٽي اڳواڻ نجم الدين خان پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.