اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آ??ي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعب?? ۾ ??ڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پروف??سر ڪوئنٽن ميڪ ڪيلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چي?? ته حڪومت جي ترجيح آ??ي ته آءِ ٽي جي شعب?? ۾ ??دت ۽ نوجوان نسل کي آءِ ٽي سروسز جي تربيت حاصل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن چي?? ته حڪومت نوجوانن کي آءِ ٽي اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ ليپ ٽاپ جي فراهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چي?? ته برطانيا پاڪستان جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن.