اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت موبائيل فون صارفين جي تحفظ ??اء?? وڏو قدم کڻندي صارفين کي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ??اء?? پاليسي ٺاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ صارفين جي ڊيٽا جي رازداري جي قانونن جو فوري جا??زو وٺندي جڏهن ته وزيراعظم چيو ته صارفين جي پرائيويسي شهرين جو بنيادي آئيني حق آهي، حڪومت ان جي خلاف ورزي جي اجازت ??ه ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز واري صلاحڪار سلمان صوفي پي ٽي اي چيئرمين کان موبائيل فون صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ ما??ڪيٽرز پاران موڪليل اڻوڻندڙ ميسيجن جي حوالي سان مشاورت ڪئي جنهن ۾ شهرين کي ناپسنديده ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري پاليسي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، خصوصي معاون وزيراعظم جي پي ٽي اي جي صارفين کي موڪيل ما??ڪيٽرز جي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس سان گڏوگڏ شهرين جي رازداري جي قانونن جي فوري جائزي جي هدايتن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته شهرين جي پرائيويسي هڪ آئيني حق آهي ۽ وزيراعظم ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته انهن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ کي ان سلسلي ۾ ٿيندڙ قدمن تي جلد بريف ڪندو، ان سلسلي ۾ ڄاڻايل قدمن ۾ صارف بنا اجازت جي ملندڙ ميسيج موڪليندڙ ڪم??ني کي رپورٽ ڪري سگهجندو شامل آهي، وڌيڪ صارف کي اهو حق حاصل هوندو ته هو ڪنهن به ميسيج موڪليندڙ ڪم??ني کي ميسيج موڪلڻ کان منع ڪري سگهندو، جنهن تي عملدرآمد ڪم??ني تي لازمي هوندو، ان کانسواءِ ڪم??ني صارف جي ڊيٽا ان جي مرضي کانسواءِ ڪنهن ٻي ڪم??ني کي ??ه ڏيڻ جي پابند هوندي.