اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ ن??سز جو ڪردار بنيادي ۽ اهم آهي، مشڪل حالتن ۽ تڪليف ۾ ورتل مريضن کي سارسنڀال ۾ ن??سز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن، نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورتن ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادايئگين کي بهتر بڻائن جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان ۾ ن??سنگ جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ ۽ معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا مان جار بيان موجب وزيراعظم نرسز جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا ۾ ن??سنگ جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته انسانيت جي خدمت تي سڄي دنيا خاص طور تي ??اڪ??تان جي نرسز جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. نرسز انسانيت جي خدمت جو تمام وڏو شعبو آهي، ان جي طبي خدمتن جو اعتراف ڪريون ٿا، ڪورونا وبا ۾ ن??سز ڊاڪٽرز سان گڏجي زندگي جي پرواهه ڪرڻ کان بنا قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته ڊاڪٽرز سان گڏوگڏ نرسز به پنهنجي جانين جي قرباني ڏئي ڪورونا جي جنگ وڙهي، ڊاڪٽر?? ۽ ??رسز ڪورونا جي مشڪل ترين صورتحال ۾ پنهنجي خانگي زندگي ۽ ٻارن جي لاءِ وقت به انسانيت جي خدمت تي قربان ڪري ڇڏيو. ??اڪ??تان ۾ ن??سز شاندار خدمتون انجام ڏنيون آهن جيڪي تاريخ جو سنهري ۽ قابل فخر باب آهي. صحت جي عالمي اداري دنيا جي 100 بهترين نرسز اينڊ مڊ وائف ليڊرز جي درجابندي ۾ 10 ??اڪ??تاني عورتن جو سرفهرست هجڻ انهن جي خدمتن جو عالمي اعتراف آهي، ??اڪ??تان جي نرسز کي ڪورونا دوران گهربل طبي سهولتون نه هجڻ جي باوجود مريضن جي جان بچائي انسانيت جي خدمت جي سنهري تاريخ لکي، هن چيو ته طب جي شعبي ۾ خدمتن جي فراهمي ۾ ن??سز جو ڪردار وڏو بنيادي ۽ اهم آهي. مشڪل حالتن ۽ تڪليفن ۾ ورتل مريضن جي سارسنڀال ۾ ن??سز جون خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. نرسنگ جي شعبي سان لاڳاپيل عورت ۽ مردن کي بهتر سهولتن ۽ معاوضن جي ادائيگين کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان ۾ ن??سز جي شعبي جي حالتن ۾ بهتري، تعليم ۽ تربيت جو معيار وڌيڪ وڌائڻ، معاوضن کي مناسب بڻائڻ لاءِ سڌارا ڪنداسين. عورت نرسز خاص طور تي معاشرتي نامناسب روين جو ش??ار بڻجنديون آهن جنهن جي حوصلا شڪني ۽ ان ڏس ۾ آگاهي پکيڙڻ جي ضرورت آهي.