اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوبلي لائف ان??ورنس ڪمپني کي پاليسي هولڊر جي بيواهه کي 12 لک روپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي. صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي ان??ورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن ان??ر ان??ر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪري. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ان??ورنس ڪمپني پاليسي جي يونٽ قيمت جي طور تي 12 لک روپين جي ادائيگي جي معاملي کي نظرانداز ڪيو آهي، ڪمپني بيواهه کي صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا جيڪي مرحوم مڙس پريميم طور ڪمپني کي ادا ڪيا هئا، صدر اهو فيصلو پاليسي هولڊر جي بيواهه عفت ناهيد جي پاران وفاقي ان??ورنس محتسب جي حڪم جي خلاف داخل اپيل جي شنوائي کانپوءِ ڏنو. وفاقي ان??ورنس محتسب مبينه طور تي گڏيل ٺاهه جي بنياد تي 45 لک جي ادائيگي کانپوءِ ڪيس بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، صدر چيو ته ان??ورنس ڪمپني پاليسي هولڊرز جي رقم ڪاروبار ۾ لڳائڻ کانپوءِ منافعو ڪمايو، شڪايت ڪندڙ کي منافعي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. جمعي تي ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب محمد شفيق 2016ع ۾ جوبلي لائف ان??ورنس مان پاليسي حاصل ڪئي ۽ ان مد ۾ ڪمپني کي 45 لک روپيا ادا ڪيا، پاليسي هولڊر جي لاڏڻي کانپوءِ ان جي بيواهه دعويٰ داخل ڪئي ته ان??ورنس ڪمپني کيس پاليسي جي مد ۾ ادا ڪيل صرف 45 لک روپيا واپس ڪيا آهن، صدر قرار ڏنو ته وفاقي ان??ورنس محتسب ٺاهه جي آڙ ۾ واپس ڪيل 45 لک رووپين جي رقم جي اصل نوعيت کي نظرانداز ڪيو آهي، بيواهه کي صرف مڙس جي ادا ڪيل رقم واپس ڪرڻ ان??اف جي اصو??ن جي منافي ۽ ناجائز آهي. صدر چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 3 تحت رياست هر قسم جي استحصال جي خاتمي کي يقيني بڻائيندي، ان??ورنس آرڊيننس ان??ورنس پاليسي هولڊرز جي مفادن جي تحفظ لاءِ جاري ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ماڻهن کي ضرورتن ۽ معاشي مجبورين جي ڪري استحصال روڪڻ رياست جي ذميداري آهي، صدر بيواهه جي حق ۾ فيصلو ڏيندي ان??ورنس ڪمپني کي هدايت ڪئي ته 30 ڏينهن ان??ر شڪايت ڪندڙ کي 12 لک روپين جي رقم ادا ڪئي وڃي.