اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه محمد آصف چيو آهي ته قوم کان نئين مينڊيٽ حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ اسان کي عام چونڊن طرف جلد کان جلد وڃڻو پوندو جنهن جو فيصلو اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي گڏجي ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ، عدليه، فوج، بيوروڪريسي ۽ ميڊيا سڀني کي گڏجي ملڪ کي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي ٻاهر کان ڪو خطرو نه آهي، اسان کي اندران ئي خطرو آهي، بلوچستان جا ماڻهو اليڪشن جي ذريعي اهڙن نمائندن کي اڳتي آڻين جيڪي انهن جا مسئلا حل ڪري سگهن، اسان کي ناراض بلوچن کي سيني سان لڳائڻو پوندو ۽ انهن جي ناراضگي جا سبب ڄاڻڻا پوندا. خواجه آصف صدارتي خطاب تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ??مران خان جي چار سالا حڪومت جو دارومدار ڪوڙ تي هو. غيرملڪي تحفا وڪرو ڪندڙ پاڻ کي صا??ق ۽ امين چوي ٿو. اسرائيل ۽ ڀارت مان انهن کي فارن فنڊنگ ٿي. هن چيو ته ??ڄي سياسي قيادت کي گهرجي ته ??ن صورتحال جو ادراڪ ڪري. سينيئر صحافي حامد مير جي گهر تي پي ٽي آءِ وارن حملو ڪيو. جيڪڏهن سچ ڳالهايئندڙن جو آواز بند ڪيو ويو ته ??هو ملڪ جي لاءِ نقصانڪار ٿيندو. ڪپتان پچ تي ليٽي پيو آهي. عمران خان جلسن جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻ ??و اعلان ڪيو آهي اهو انهن جو حق آهي. اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي اسان کي جلد کان جلد چونڊن طرف وڃڻ گهرجي. ملڪ کي گهرو ويڙهه ط??ف ڌڪيو پيو وڃي. ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو آ??ي ماڻهو ٻن وقت جي ماني لاءِ ترسي رهيا آهن جڏهن ته چيو پيو وڃي هي امپورٽيد حڪومت آهي. صدارتي خطاب تي بحث سهيڙي وڃي ته ??يئن هي ايوان نارمل بزنس طرف اچي سگهي. هن چيو ته ??فغانستان جي صورتحال ۽ بلوچستان جا معاملا 30، 40 سالن کان اسان جي سامهون آهن. اسان کي بلوچستان جا مسئلا ۽ اتي هلندڙ تحريڪن جا سبب ڳولڻا پوندا.