اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي، ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان وزيراعظم رهي، ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، موجوده سياسي صورتحال ۾ ??هو بهتر فيصلو آهي، ته عوام وٽ وڃڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اسد عمر چيو ته جڏهن قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، ته ڪجهه فيصلا ٿيا هئا. اجلاس ۾ ??هو به فيصلو ٿيو هو ته معاملو ايوان ۾ آندو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو هو. اها وڏي مذاق آهي جو رڳو شهباز شريف کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به نه. بلاول زرداري، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي وڏن اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئي. اسد عمر چيو ته اسيمبلي ۾ جڏهن اسان وياسين بابر اعواڻ ٺهراءُ پيش ڪيو، ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس تي بريفنگ لاءِ بل آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڏيڍ سئو کان وڌيڪ ا??وز??شن ميمبر به ايوان ۾ موجود هئا. ووٽنگ ٿي ته نعرا لڳايا ويا ته رڳو شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ۽ ٻيو ڪنهن کي به ناهي ٻڌايو ويو. هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ووٽنگ ٿي پر ا??وز??شن رد ڪري ڇڏيو. ا??وز??شن ٻئي ڏينهن صبح جو ڇو مطالبو نه ڪيو ته اجلاس سڏايو وڃي؟ جنهن وقت ??هو سوال سپريم ڪورٽ ۾ اٿاريو ويو تڏهن هو ڪٿي هئا؟ ا??وز??شن قوم ۽ سپريم ڪورٽ کي ??کا??ي ٻڌائڻ بند ڪري، کين ڪجهه به معلوم ناهي. اسد عمر چيو ته اسان جي خواهش هئي ته عمران خان وزيراعظم رهي. ملڪ ۾ موجوده سياسي صورتحال کي ڏسندي عمران خان عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ موجوده صورتحال ۾ ??هو ئي بهتر فيصلو آهي.