اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان ??مهوريه مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران ??اري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان ??چڻ تي مصري پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مصر خطي جو هڪ اهم ڀائر ملڪ آهي. هن چيو ته مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي ??عاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي ??طمينان ??و سبب آهي. مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.