اسلام آباد / حافظ آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان آچر تي حافظ آباد ۾ تاريخي عوامي جلسي کي خطاب ڪندو، وزيراعظم عمران خان آچر ڏينهن حافظ آباد جو دورو ڪندو ۽ حافظ آباد ۾ سڀ کان وڏي عوامي ميڙ کي خطاب پڻ ڪندو. حافظ آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات و??ري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حافظ آباد ۾ هڪ يونيورسٽي ۽ اسپتال قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ حافظ آباد ضلعي ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم ج??ري آهي. مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي هن چيو ته مافيا پاڪستان جو هر هڪ ادارو کوکلو ڪري ڇڏيو آه??. ه?? چيو ته ماضي جي حڪمرانن ٻاهرئين ملڪ اربين رپين جون پراپرٽيون ٺاهيون. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته نواز شريف، شهباز شريف ۽ آصف علي زرد??ري پنهنجي غيرقانوني دولت کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماضي جو حڪمران طبقو قومي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي ۽ هر شخص ڄاڻي ٿو ته ميمو گيٽس اسڪينڊل ۾ آصف علي زرد??ري ڪهڙي ملڪ کان مدد طلب ڪئي هئي. مملڪتي وزير چيو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيند??. ه?? وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ چاهي ٿي. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان تيزي سان ترقي جي رستي تي گامزن هو پر مخالف ڌر کي ملڪ جي اها ترقي هضم نه ٿ??. ه?? چيو ته ڪنهن کي به ملڪ ۾ بدامني پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان قومي دولت چوري ڪري ملڪيتون ٺاهڻ جي لاءِ اق??دار ۾ نه آيو هو. هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ 400 ڊرون حملا ڪي?? ويا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان قوم کي ڪنهن جي آڏو جهڪڻ جي اجازت نه ڏني آه??. ه?? چيو ته اسان سمورن ملڪن سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر قومي وقار تي ٺاهه نه ڪنداسين. مملڪتي وزير چيو ته مخالف ڌر غلاماڻو ذهن رکندڙ آهي جيڪا عالمي برادري آڏو ڳالهائي به نه ٿي سگهي. فرخ حبيب وڌيڪ چيو ته وزيراعظم عمران خان پوري دنيا ۾ بهادري سان پاڪستان جي عزت ۽ احترام ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آه??. ه?? چيو ته هن وقت پوري دنيا کي ناڻي واڌ درپيش آهي. تيل جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ڪيون آهن. فرخ حبيب چيو ته مختلف معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي ملڪ صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي جن بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي آهي اهي سمورا بدعنوان آهن.