ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻي عالمي جنگ دوران جانين جا نذ??انا پيش ڪندڙ روسي فوجين جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. يادگار اچڻ تي ٻي عالمي جنگ ۾ جانين جا نذ??انا پيش ڪندڙ فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا ۽ فوجي دستي مارچ پاسٽ ڪندي وزيراعظم کي سلامي پيش ڪئي. يادگار ڪريملن جي ٻاهران اليگزينڊر باغ ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، و??يراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، و??يراعظم جو قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عامر ڪياني پڻ موجود هئا.