اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت ۽ ان سان جڙيل ٻين شعبن ج?? ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اطهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته وادي ۾ سياحت جي شعبي ج?? ترقي سان انفرااسٽرڪچر ۽ معيشت جي بهتري ۽ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿيندا. آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي وزيراعظم، وزيراعظم عمران خان کي آزاد ڪش??ير حڪومت جي جاري عوامي ڀلائي ۽ سياحت جي شعبي ج?? ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪش??ير ۾ احتساب ايڪٽ ج?? بحالي کي خوش آئنده قرار ڏيندي قانون جي بالادستي ۽ نظام ۾ شفافيت کي ملڪ?? ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو.