اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ بهاولپور ڊويزن ۾ شامل بهاولپور ضلعي رحيم يار خان ۽ بهاولنگر جي هڪ ڪروڙ 5 لک آبادي کي صحت انصاف ڪارڊ جو تحفو ڏيڻ ل??ءِ بهاولپور اچي رهيو آهي. مملڪتي وزير پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته پي ٽي آءِ پهرين حڪومت آهي جيڪا بنا ف??ق جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ جي ذريعي ساليانو 10 لک روپين تائين ??فت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي.