اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ ??بي?? چيو آهي ته اڄ ثابت ٿي ويو آهي ته سچ ڪيترو ڪڙو هوندو آهي، شريفن جا ذاتي ملازم پنهنجون نوڪريون پڪيون ڪرڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ۾ تڙپندي نظر اچي رهيا آهن. مريم اورنگزيب جي پريس ڪانفرنس تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٻي ڳالهه انهن جي ننڊون اڏائي ڇڏيون آهن، ٻڌائين ته ڪرمنل کي ڪرمنل نه چئون ته ڇا چئون، ڪو ٻيو لفظ آهي ته اسان سان شيئر ڪيو وڃي، هن چيو ته پورو شريف خاندان سياست ۾ لُوٽ مار ڪري لنڊن ۾ مفرور آهن. مملڪتي وزير چيو ته ڪرپشن، جعلي اڪائونٽس، مني لانڊرنگ تي قانون پاڻ رستو پاڻ ٺاهي رهيو آهي، انهن جي روئڻ ۽ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيڻ وارو. هن چيو ته هڪ ٽڪي جي ??رپشن نه ڪندڙ شهباز شريف جي خلاف ايف آءِ اي ۾ 16 ارب ۽ 7.5 ارب جي ٽي ٽيز جو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي، مملڪتي وزير چيو ته شريف ڊاڪٽرائڻ اهو آهي ته جڏهن عدالتون خلاف فيصلو ڏين ته ان تي حملا آور ٿي وڃو. هن چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي ته سپريم ڪورٽ تي ??مل?? ڪندڙ ڪير هئا، شريفن ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ڪرپشن کي لاڳو ڪري ورتو آهي، فرخ ??بي?? چيو ته 1985 کان ڪرپشن ڪندڙن جي خلاف پهريون ڀيرو احتساب ٿي رهيو آهي، انهي لاءِ انهن جون رات ننڍون ۽ ڏينهن جو سک اڏامي ويو آهي، هن چيو ته قطري خط يا جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪيلبري فونٽ هجي يا جعلي وڊيوز، نواز شريف ۽ انهن جي صاحبزادي سرٽيفائيڊ ڪوڙا ثابت ٿي چڪا آهن، فرخ ??بي?? چيو ته ٻڌايو وڃي ته مسرور انور ڪير آهي جيڪو 2008?? کان 2017ع تائين شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ پئسا موڪليندو رهيو آهي، مقصور پٽيوالو به هڪ ڪردار آهي جنهن جي اڪائونٽ ۾ وڏي ٽرانزيڪشن ٿيون آهن، فرخ ??بي?? چيو ته بيهودي زبان استعمال ڪندڙن جي پرورش ۾ شائد ڪا کوٽ رهجي وئي آهي، غير ا??لاقي زبان استعمال ڪندڙن جي ??ا به حيثيت نه آهي، انهن کي حڪم مٿان کان ملندا آهن.