اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته برطانوي عدالتن ريحام خان کي ذلفي ??خاري تي ڪوڙن الزامن تي ه??جا??ي ۽ معافي گهرڻ جو حڪم ڏنو، اهڙي طرح جو قانوني نظام پاڪستان ۾ آڻڻ جي ڪوشش کي اظهار راءِ جي آزادي جي خلاف چئي ميڊيا مالڪ مهم شروع ڪري ڇڏيندا آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بحرحال ريحام جو ڪوڙو هجڻ هڪ دفعو ٻيهر ثابت ٿيو، اصل ۾ هو عادي ڪوڙي آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ريحام خان کي ان ??وئيٽ جو به حوالو ڏنو جنهن ۾ ريحام خان ذلفي ??خاري تي لڳايل الزامن تي معافي نامو شيئر ڪيو، پنهنجي معافي نامي ۾ ريحام خان چيو ته مون 6 ?? 7 ڊسمبر 2019ع تي پنهنجي يوٽيوب چئنل، فيس بڪ پيج ۽ پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ذوالفقار عباس بخاري تي روز ويلٽ هوٽل کي گهٽ قيمت تي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان الزام لڳايا هئا جيڪي غلط ۽ ڪوڙا هئا. ريحام خان ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ 7 ڊسمبر 2019، 15 مارچ 2020ع، 17 مارچ 2020ع ۽ 23 مارچ 2020ع تي ذلفي ??خاري تي لڳايل الزامن تي به چيو ته اهي غلط ۽ ڪوڙا هئا. هن ذلفي ??خاري تي لڳايل الزامن تي غير مشروط معافي گهري ۽ هتڪ عزت ۽ قانوني خرچن جي مد ۾ رقم ادا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.