اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستان (اي جي پي) تي زور ڏنو آهي ته سرڪاري ادارن ۾ مالي نظم ۽ ضبط جي نفاظ لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن سرڪاري کاتن ۾ بي ضابطگين جو خاتمو ٿي سگهي، آءِ ٽي تي ٻڌل آڊٽ جي جديد ٽيڪنڪ کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيو جيڪي پبلڪ فنانس جي انتظام سان گڏوگڏ بدعنواني جي خاتمي لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿينديون.
صدر اها ڳالهه آڊيٽر جنرل آف پاڪستان محمد اجمل گوندل سان ملاقات دوران چئي جنهن هت?? ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آڊيٽر جنرل صدر کي سرڪاري ادارن ۾ مالي شفافيت ۽ جوابدهي کي ??قيني بنائن ۾ اي جي جي آفيس جي ڪردار ک??ن آگاهه ڪيو. صدر رٽائرڊ سرڪاري ملازمن کي ??ينشن وٺڻ ۾ وڌيڪ سهولت ڏيڻ جي ضرورت تي روشني وڌي ۽ اي جي پي کي چيو ته هو ان ڳالهه کي ??قيني بڻائي ته رٽائرڊ ملازمن کي ??ينشن وٺڻ ۾ ڪا به مشڪل پيش نه اچي.