اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته اسان جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سا?? ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي ۽ ان جو نظام فلپائن ج?? چونڊن ۾ استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ مشين کان وڌيڪ بهتر آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فلپائن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ج?? چونڊن ۾ استعمال جي تاريخ بابت انگ اکر انتهائي اهم آهن، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال سان ووٽرن جي اعتماد ۾ اضافو، اليڪشن پٽيشنز، قتل ۽ تشدد ۾ نمايان گهٽتائي واقع ٿي. انگن اکرن موجب فلپائن ۾ 2007ع ج?? چونڊن ۾ روايتي ڪاغذ جي ذريعي ووٽنگ جي نظام سان 6 هفتن کانپوءِ چونڊن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو?? جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال جي ذريعي ووٽنگ ختم ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ نتيجن جو اعلان ڪيو ويو. فلپائن ۾ 2007ع ۾ 35 سيڪڙو ماڻهو ان تي اعتماد ڪندا هئا جڏهن ته 2010ع ۽ 2019ع ۾ اعتماد جي اها سطح 75 سيڪڙو ۽ 89 سيڪڙو تائين پهچي وئي. 2007ع ج?? چونڊن کانپوءِ چونڊن کي چئلينج ڪرڻ جي لاءِ هڪ هزار پٽيشنز داخل ڪيون ويون جڏهن ته 2010ع ?? 49 ?? 2019ع ج?? چونڊن ۾ 11 پٽيشنز داخل ڪيون ويون. صدر چيو ته پاڪستان ۾ به اهڙي تبديلي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي. اسان وٽ ووٽنگ مشين سان گڏ ڪاغذ جو بيلٽ پيپر به موجود آهي ۽ اسان جو نظام ان سان به وڌيڪ بهتر آهي.