گڏيل قومون – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جو ادارو افغانس??ان کي هڪ مضبوط ۽ محفوظ رياست ٺهندي ڏسڻ جو خواهشمند آهي. جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس کان پهرين گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوت??يش هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته افغانس??ان جي صورتحال غير متوقع آهي پر اسان سڀ چاهيون ٿا ته افغانس??ان ۾ جامع حڪومت هجي ۽ افغانس??ان انساني حقن خاص ڪري عورتن جو احترام ڪري. هن چيو ته اسان سمورا چاهيون ٿا ته افغانس??ان هڪ محفوظ رياست بڻجي ۽ افغانس??ان ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو مقابلو ڪري، پر اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي ڇو ته اڃان اهو واضح نه آهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته گڏيل قومن جو فرض آهي ته افغانس??ان کي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي. هن ??قت طالبان سان مفاهمت رکندي کين سمجهائي سگهجي ته ڇوڪرين کي هر سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ جي قابل هجڻ گهرجي ۽ بين الاقوامي برادري سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. اسان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ عالمي براد??ي کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي.