اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ڏينهن جي دوري تي استنبول پهچي ويو آه??. استنبول جي گورنر علي يرلڪايا، اعليٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير سائرس قا??ي اتاترڪ ايئرپورٽ تي صدر جو استقبال ڪيو.
صدر جي آمد تي ترڪ هٿياربند فوج جي دستي پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. صدر ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪري ??هي?? آه??. پنهنجي قيام دوران صدر ترڪ?? جي صدر سان ملاقات ڪندو.
ٻئي صدر پاڪستان نيوي لاءِ ترڪي پاران تيار ڪيل پهرئين ملجم ڪلاس ڪوريٽ جو افتتاح به ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ صدر مشهور ترڪ واپارين سان ملاقاتون به ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آه?? ۽ صدر جو ترڪي جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.