اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي دفاع واري وزير وي فنگ هي کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. معزز مهمان کي ايوان صدر ۾ پروقار تقريب ۾ ان اعزاز سان نوازيو و??و. ??قريب ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، وزيراعظم جو قومي سلامتي معام??ن وارو خاص معاون معيد يوسف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سميت ا??لي?? عملدارن شرڪت ڪئي.