اسلام آباد – 10 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته غريب، لاچار ۽ پٺتي پيل علائقن جي رهواسين کي رليف پهچائڻ وزيراعظم عمرا?? خان جو عزم آهي، حڪومت مشڪل حالتن ۾ قوم کي اڪيلو نه ڇڏيندي، وزيراعظم جو بلوچستان جو دورو پٺتي پيل ۽ ڏورانه?? علائقن ۾ ڪورونا جي خلاف جاري قومي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ آهي، متحد ٿي چئلينج تي ضا??طو آڻينداسين ۽ سرخرو ٿينداسين.