اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي منفي اثرن کان ملڪي معيشت کي ممڪن حد تائين محفوظ رکڻ، معاشي سرگرمين جي بنا رڪاوٽ رواني کي يقيني ب??ائ?? ۽ خاص طور تي عام ماڻهو جي لاءِ روزگار جي تحفظ کي يقيني ب??ائ?? اولين ترجيح آهي، ڪنهن به ??مڪن صورتحال جي ڏس ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ۽ ضرورت جي شين جي وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري جي شڪايت هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ۽ شڪايت جي صورت ۾ ذخيره اندوزن جي خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. وزيراعظم اها هدايت ڪرونا وائرس جي ڪري ملڪي معيشت تي پوندڙ امڪاني اثرن کان بچڻ جي حوالي سان اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ ا??ليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.