سيالڪوٽ – 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ چيو آهي ته 2020ع قومي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ مالي رليف ڏيڻ جو سا?? ثابت ٿيندو، حڪومت هر رياستي اداري مان بدعنواني کي پاڙ کان پٽ?? اڇلائڻ جي لاءِ پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، وزيراعظم ??مر??ن خان قوم جي امنگن موجب ملڪ جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ جا چونڊيل نمائندا ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو ا??هار وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.