اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪس??ان سوئٽزرلينڊ سان پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن لاڳاپن کي گهڻ رخي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، پاڪس??ان ۽ سوئٽزرلينڊ هڪ ٻي جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي سگهن ٿا ۽ اداره جاتي تعاون ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان رابطاڪاري کي وڌيڪ موثر بڻائي س??هج?? ٿو، سوئٽزرلينڊ جي پارلياماني وفد جي دوري جا جلد مثبت نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سوئٽزرلينڊ جي رياستن جي ڪائونسل جي صدر جين ريني فرن??ئر جي سربراهي ۾ پاڪس??ان جي ٽن ڏينهن جو دورو ڪندڙ پارلياماني وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو.