انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا ۾ جدت جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي: صدر

image
APP80-090821 ISLAMABAD: August 09 - President Dr. Arif Alvi addressing Digital Government Summit- official launch of Google Cloud Platform at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا ۾ جدت جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، پاڪستان ترقي جون منزلون جلد طئي ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، ان مقصد لاءِ ڊيجيٽلائيزيشن بابت وقت سر فيصلن ۽ تيارين جي ذريعي جدت تي ٻڌل تبديلين سان هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو ايوان صدر ۾ ڊيجيٽل گورنمينٽ سمٽ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي، گوگل ڪلائوڊ براءِ پبلڪ سيڪٽر (ايشيا پيسفڪ) جو ايم ڊي پال ولسن ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان جو سي اي او عمر فاروق پڻ خطاب ڪيو. انفارميشن ٽيڪالاجي ۽ ڊيجيٽل پاليسي جي ماهرن کانسواءِ گوگل ڪلائوڊ جي عمدارن به سنگاپور مان وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪ ويلي پاڪستان جي حصيداري سان منعقد ڪيل ان ڊيجيٽل سمٽ ۾ پبلڪ سيڪٽر لاءِ گوگل تان هلندڙ جديد ٽيڪنالاجيز جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. صدر چيو ته دنيا ۾ وڏي تيزي سان تبديليون رونما ٿي رهيون آهن جنهن سان هم آهنگ ٿي پاڪستان ترقي جون منزلون جلد طئي ڪري سگهي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته اسرندڙ ملڪ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي تعليم جي نظام کي بهتر بڻائي سگهن ٿا، ڪورونا وبا دوران بندشن جي ڪري تعليم جي عمل کي جاري رکڻ لاءِ جديد مواصلاتي ذريعن کي استعمال ۾ آندو ويو، ان صورتحال ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، هن چيو ته نئون دور اچي رهيو آهي جنهن ۾ انفارميشن لامحدود هوندي، معلومات ايتري قدر وڌي وئي آهي جو انسان بنا ٽيڪنالاجي جي ان جو تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي. صدر چيو ته ٽيڪنالاجي جي ڪري گڏيل رابطا وڌيڪ بهتر ٿيا ۽ دنيا گلوبل ورلڊ جي شڪل اختيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪري جدت جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي تنهن هوندي به ان جديد دور ۾ ڊيٽا سيڪيورٽي جهڙا چئلينجز به درپيش آهن. صدر چيو ته مستبقل ۾ فيصلاسازي جي عمل ۾ ڊيٽا جي تجزيي جو اهم ڪردار هوندو، ان مقصد لاءِ مصنوعي ذهانت ۽ ڪلائوڊ جهڙي جديد ٽيڪنالاجيز کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جن ملڪن ترقي ڪئي آهي ان جو دارومدار ٽيڪنالاجي تي وڌيڪ آهي. پاڪستان به دنيا ۾ تيزي سان رونما ٿيندڙ تبديلين سان هم آهنگي پيدا ڪري تمام جلد ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان ترقي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ سمارٽ فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته پاڪستان ڪورونا وبا جي دوران سمارٽ فيصلا سازي جو ڪامياب مثال قائم ڪيو آهي. ان موقعي تي انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق ڊيجيٽل پاڪستان جي حوالي سان موجوده حڪومت جي ويزن کي اجاگر ڪندي چيو ته سندس وزارت بلاڪ چين ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، صنعتي مسئلن جي حل ۽ سمارٽ سٽيز جي تعمير جهڙن شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي گوگل ڪلائوڊ ۽ ٽيڪ ويلي سان گڏجي ڪم ڪندي. هن چيو ته ڪووڊ – 19 لاڪ ڊائون جي چئلينج کي امڪان ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت صحت، تعليم ۽ فنانس ۾ رابطي جي سهولت لاءِ اهم قدم کنيا آهن، هن چيو ته هن وقت اٽڪل 10 ڪروڙ ماڻهو برانڊ بينڊ جي سهولت مان فائدو کڻي رهيا آهن، اهڙي طرح هڪ اسپيڪٽرم جي نالي سان هڪ بلين ڊالر حاصل ٿي سگهن ٿا، وزارت ۾ 2.1 ملين ڊالر جو برآمدي هدف حاصل ڪيو آهي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج
سلاٹس پر مفت اسپن کو کیسے متحرک کریں۔_سلاٹ بونس گیمز_علامتیں_آٹو پلے سلاٹ گیمز_فون سلاٹ گیمز کے ذریعے ادائیگی کریں۔ سلاٹ گیمز کے ساتھ کیسینو_آن لائن کیسینو سلاٹ مشینیں۔_عملی پلے سلاٹس_آٹو پلے سلاٹ گیمز_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں بہترین فطرت پر مبنی سلاٹس_سلاٹ مشین ایپس_Novomatic Slot Machines_افسانوی مخلوق سلاٹ مشینیں_سلاٹ مشین کے جائزے اور درجہ بندی پاکستان کے لیے ٹاپ اردو سلاٹ ایپس_آٹو پلے کی خصوصیات کے ساتھ بہترین سلاٹس_سب سے بڑے سلاٹ جیک پاٹس_مائیکرو گیمنگ سلاٹس_ویڈیو سلاٹس پر جیتنے کا طریقہ NetEnt Slot Games_iOS آلات پر سلاٹ گیمز کھیلیں_فوری جیت کے ساتھ سلاٹس_بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹ مشین_سلاٹ گیمز اسلام آباد میں مقبول ہیں۔ نیٹلر سلاٹس_پاکستان میں موبائل کے لیے مفت سلاٹ گیمز_پاکستان کے لیے آن لائن سلاٹس_گولیاں کے لیے مفت سلاٹ گیمز_ٹاپ ریٹیڈ سلاٹ ایپس بڑے جیک پاٹس کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_فوری کھیلنے کے اختیارات کے ساتھ سلاٹ گیمز_اردو میں کیسینو سلاٹس_پاکستانی کھلاڑیوں کے لیے آن لائن سلاٹ ٹورنامنٹ_ٹاپ سلاٹ گیم فورمز ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پلےٹیک سلاٹس_سلاٹ مشین_سلاٹ مشین کی ادائیگیوں کو محفوظ بنائیں_آئی فون پر سلاٹ گیمز ہائی لمیٹ سلاٹ مشینیں۔_سمندری ڈاکو سلاٹ مشینیں۔_فوری جیت سلاٹ مشینیں_کیسینو سلاٹ گیمز فیڈ بیک_ایک سے زیادہ بونس راؤنڈ کے ساتھ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس ارتقاء گیمنگ سلاٹس_اصلی پیسے کے لیے سلاٹس کھیلیں_ڈیسک ٹاپ پر سلاٹ گیمز کھیلیں_پے پال کے ساتھ سلاٹ مشینیں۔_کریڈٹ کارڈ سلاٹس