ڪراچي – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مختلف صحافتي ادا??ن سان واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي رهتن ۽ پگهارن جي ادائيگي جي لاءِ حڪومت هڪ اهڙو مڪينزم ٺا??ي رهي آهي جنهن جو تعلق اشتهارن جي بلن جي ادائگي سان هوندو، حڪومت ميڊيا هائوسز کي هڪ ارب رپين ??ان وڌيڪ جي ادائيگي ڪئي آهي ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته ان رقم سان صحافتي ادا??ن سان واڳيل صحافين ۽ ٻين ملازمن جي پگهارن جي ادائگي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.