اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي مصنوعي ذهانت کي استعم??ل ۾ آڻڻ جي ضرورت ت?? زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي فروغ سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، گورننس ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ترقي ممڪن آهي، زراعت پاڪستان جو بنياد آهي، ان شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعم??ل ۾ آندو وڃي، پاڪستان موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ عوام پاران احتياطي ??دب??رن تي عملدرآمد جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسٽيڪ يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته مصنوعي ذهانت جي ڪري صحيح انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ ان موجب پاليسي سازي ۾ مدد ملي ٿي، مصنوعي ذهانت کي استعم??ل ۾ آڻڻ سان وڌيڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا موجود آهي، اها ڊيٽا نئون سون ۽ تيل آهي، اسان ان ڊيٽا جي تجزيه سان منصوبابندي ڪري ڪيترن ئي قدمن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.