اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقليت?? جي حق?? جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اقليت?? جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪجهڙن موقع?? جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ اقليتي برادري جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ميمبرن ۾ جئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ م??ڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.