اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 4728 ن??ان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل ڪيسن ??و انگ 1،03??671، ايڪٽو ڪيسن ??و انگ 67249 ۽ فوتگيون 2067 ٿي ويون آهن، هڪ ڏينهن ۾ 22650 ماڻهن جا ڪورونا وائرس ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، 2553 متاثر ماڻهو اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 1382 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر اين سي او سي جي تازي اپ ڊيٽ موجب پنجاب ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن ??و انگ 38 هزار 903 ??ائ??ن پهچي ويو آهي، سنڌ ۾ 38 هزار 108 ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ ڪيسن ??و انگ 13 هزار 487 ۽ اسلام آباد ۾ 5329 ٿي ويو، بلوچستان ۾ 6516، گلگت بلتستان ۾ 932 ڪيس رپورٽ ٿيا، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس ڪيسن ??و انگ 396 ٿي ويو. سڄي ملڪ ۾ هيس??ائ??ن 34 هزار 355 مريض مڪمل طور تي صحتياب ٿي ويا.