ڪنڊيان/ اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڻ پوکڻ نبي پاڪ صه جي سنت آهي، پاڪس??ان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهم آهي، نوجوانن ۽ اسان جي ٻارن کي ان جو احساس نه آهي، پاڪس??ان ۾ ٻيلن کي اکي?? سان تباهه ٿيندي ڏٺو، ڪنديان جي ٻيلن جو تحفظ مقامي ماڻهن جي ذميواري آهي، پنجاب جو وڏو وزير ٻيلن تي قبضو ڪندڙن کي جيل ۾ وجهي. ڪنڊيان ۾ گرين پاڪس??ان مهم تحت بهار موسم جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اڄ آئون هتي هڪ خاص مقصد جي لاءِ آيو آهيان ڇو ته اسان جي ٻارن ۽ نوجوانن کي ان ڳالهه جو احساس نه آهي ته پاڪس??ان جي لاءِ وڻڪاري ڪيتري اهميت رکي ٿي.