اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ??هي ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارٽي ترجم??نن جو ??جلاس ٿيو اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته هو عدليه جي فيصلي جي احترام ڪن ٿا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي پهرين ڏينهن کان سياست جو مقصد انصاف جو ??لم بلند ڪرڻ هو ۽ قانون جي حڪمراني رهيو آهي، پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي خصوصي معاون چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف اها پهرين پارٽي ??هي جنهن اڄ کان 23 سال اڳ قانون جي حڪمراني ۽ عدليه جي آزادي جو ??لم بلند ڪيو هو ۽ جڏهن عدليه جي آزادي جو مرحلو آيو ته هن جيل وڃڻ ته گوارا ڪيو پر پنه??جي اصولي موقف کان پوئتي نه هٽيو.