اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 17 هون غير معمولي اجلاس سڀاڻي آچر تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. سعود?? عرب بطور چيئر ا??غا??ستان جي حوالي سان غير معمولي اجلاس جي تجويز ڏني هئي جڏهن ته پاڪستان ان جي آجيان ڪندي سيشن جي ميزباني جي آڇ ڪئي هئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب او آءِ سي جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ شرڪت ڪندڙن ۾ گڏيل قومن، عالمي مالياتي ادارن ۽ آمريڪا، بر??انيه، فرانس، چين، روس، جرمني، اٽلي، جاپان ۽ يورپي يونين جا نمائندا به شامل آهن، ا??غا?? عبوري حڪومت به اجلاس ۾ نمائندگي ڪندي، اهو اجلاس ا??غا??ستان ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال جي پس منظر ۾ گهرائي وئي آهي، ا??غا?? عوام سان يڪجهتي جي اظهار کانسواءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل مان اميد آهي ته هو ا??غا??ستان ۾ تيزي سان بگڙجندڙ انساني صورتحال، خاص خوراڪ جي کوٽ جي حوالي تي قابو پائڻ، ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ امڪاني معاشي تباهي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ??يا?? ترجمان چيو ته پاڪستان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته ا??غا??ستان سان عالمي بر??دري جا مسلسل رابطا اڻٽر آهن، غير معمولي اجلاس جي ميزباني ا??غا?? عوام جي حمايت کي مس??حڪ?? ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جو مظهر آهي، غير معمولي اجلاس ا??غا??ستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ا??غا?? عوام جي مسلسل ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم ۽ مسلسل ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو، اجلاس ا??غا?? عوام جي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد لاءِ عملي ۽ ٺوس قدمن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو.