اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته چونڊ قانونن ۾ ترميم ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) متعارف ڪرائي اسا?? ماضي جا داغ ڌوئڻ چاهيون ٿا، 1970ع کانپوءِ جيتريون به چونڊيون ٿيون انهن تي سوال اٿيا، وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجو رخ صحيح ڪريون ۽ اهڙي قانونس??زي ڪريون ته سدائين جي لاءِ آزاداڻو، شفاف ۽ اعتماد جوڳو چونڊ نظام لاڳو ٿئي، حڪومت جي صفن ۾ يڪجهتي ۽ اتحادي گڏ بيٺل آهن، قانونس??زي جي لاءِ سمورو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي، اي وي ايم مشين انهن ناپاڪ ارادن کي دفن ڪرڻ جي لاءِ آندي پئي وڃي جيڪي ماضي ۾ مڙهيا ويندا هئا، آزاداڻو، شفاف ۽ اعتماد جوڳو چونڊ نظام اختيار ڪيو پيو وڃي، مخالف ڌر اڳواڻ ٻٽو معيار اختيار نه ڪري، سمنڊ پار پاڪستانين جا ڊالر انهن کي قبول آهن، انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ منظور نه آهي، چونڊن کي چوري ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ سمورا ميمبر چونڊ قانونن ۾ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏين. پ??رل??امينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هي ايوان اهڙي قانونس??زي ڪرڻ وڃي رهيو آهي جنهن سا?? ماضي جون خرابيون ختم ٿينديون ۽ شفاف چونڊ نظام ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو. هنچ يو ته حڪومت ڪو ڪارو قانون مڙهڻ نه ٿي چاهي پر اسا?? ماضي جا داغ ڌوئڻ چاهيون ٿا. اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، 1970ع کانپوءِ جيتريون به چونڊون ٿيون انهن تي سوال اٿاريا ويا. وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجو رخ صحيح ڪريون ۽ اهڙي قانونس??زي ڪريون جو سدائين جي لاءِ آزاداڻو، شفاف ۽ اعتماد جوڳو چونڊ نظام لاڳو ٿئي. شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت اي وي ايم جي معاملي تي مخالف ڌر سان اڳ ۾ به رابطو ڪيو پر مخالف ڌر ڪو ڌيان نه ڏنو. گڏيل اجلاس جلدي ۾ ناهي گهرايو ويو، اسان وٽ عددي اڪثريت نه هجي ها ته هي اجلاس ڇو گهرايون ها، حڪومت جي صفن ۾ يڪجهتي ۽ اتحادي گڏ ??هن. قانونس??زي جي لاءِ هڪ ٺوس طريقيڪار آهي جيڪو اسان اختيار ڪيو آهي. ڪجهه ميمبرن ناراضگي ختم ڪرڻ جي لاءِ وقت گهريو هو اسان انهن کي دليلن سان قائل ڪيو آهي ۽ اهي قائل ٿي ئي اڄ اسان جي صفن ۾ بيٺل ??هن. اي وي ايم مشين انهن ناپاڪ ارادن کي دفن ڪرڻ جي لاءِ آندي ئي وڃي جيڪي ماضي ۾ قوم تي مڙهيا ويندا هئا. شفاف چونڊ نظام جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو ورتو پيو وڃي. 1973ع جو آئين هڪ مقدس امانت آهي، ان جي اسان پوري حفاظت ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چيو ويو آهي ته هو پارٽي تان استعيفيٰ ڏي، اڄ هڪ تاريخ رقم ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ شفاف چونڊ نظام جي لاءِ قانونس??زي ڪئي پئي وڃي، اهڙو مطالبو اسان ته اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق کان نه ڪيو هو، مخالف ڌر اڳواڻ ٻٽو معيار نه اختيار ڪر??. م??ڪ ۾ چونڊ سڌارن جي سدائين کان ضرورت رهي آهي، 2013ع جي چونڊن کانپوءِ اسان عدالت سان رجوع ڪيو هو جنهن کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ٿي. اسان توهان وانگر بائيڪاٽ نه ڪيو هو ۽ چونڊ سڌارن جي لاءِ مشاورت ۾ توهان سان گڏ ويهي حصو ورتو.